ڍول مارُو

ڍول مارُو: هي داستان ٿر جي خطي سان واسطو رکي ٿو. هن داستان جا مرڪزي ڪردار ڍولو نرور ۽ مارل (عورت) آهن. هيءُ قصو يارهين صديءَ عيسويءَ جي شروع جو ۽ عمر مارئيءَ جي قصي کان اٽڪل ٻه صديون اڳ جو، سومرا دؤر جي پهرئين حاڪم، همير سومري جي دؤر جو چيو وڃي ٿو. روايت آهي ته ڍولو نرور يارهين صديءَ عيسويءَ جي شروع ۾ ناري پٽ جي وچ واري حصي ڍٽ جو ننڍو حاڪم هو، جنهن جو مرڪزي حصو، ان وقت ’سيرين‘ نالي مشهور هو، جنهن جا آثار ۽ نشان اڄ به موجود آهن. شاهه جي گنج ۽ الهداد جنجهي ۽ محمد قاسم راهمونءَ جي ترتيب ڏنل ’شاهه جي گنج‘ ۾ سُر ڍول مارُوءَ هيٺ هڪ بيت ۾ ڍولي نرور ۽ ’سيرين‘ جو ذڪر هن ريت اچي ٿو:
اُتر ديسان آوڻيان، ڏکڻ سانوڻيان،
ڍولو نرور سيرئين، ڌڻ ٻڪرڙيان،
پُڇو ڪُونجڙيان، ته ڪُوڻ هينئاري سڄڻين!
(بيتداستان پهريون، سُر ڍول مارو)
ڍولو نرور پنهنجي دؤر جو وڏو دلير، بهادر ۽ هر دلعزيز حاڪم هو. ڍولي جي حاڪميت کانپوءِ ڍٽ جا جيڪي به حاڪم ٿيا، تن کي ’ڍوليو‘ ڪوٺيو ويو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سُر ’ليلان چنيسر‘ ۾ راءِ چنيسر کي ’ڍول‘ ۽ سُر ’مومل راڻي‘ ۾ راڻي مينڌري کي ’ڍولو‘ ڪوٺيو آهي:
پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ’ڍول‘ جا.
-
ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي،
کوءِ ساکاڻي راتڙي، پرين ري پيئي،
مون کي ڏنءُڏيئي، ’ڍولو‘ ڍٽ قراريو!
لوڪ ڪهاڻين جي عام روايتن موجب ڍولي نرور جو پيءُ انڙ راءِ ۽ مارل جو پيءُ پونگل راءِ (جيڪو ٿر جو حاڪم هو) پاڻ ۾ گهرا دوست هئا. سندن دوستي ايتري گهري ٿي وئي، جو هنن ’ڍولي ۽ مارل‘ جو سڱ تڏهن ئي طئي ڪري ڇڏيو هو، جڏهن اهي ٻئي اڃا پيٽ ۾ هئا، جنهن لاءِ اهو طئي ڪيو هئائون ته ”پاڻ ٻنهي مان جيڪڏهن هڪ کي ڌيءُ ۽ ٻئي کي پٽ ڄائو ته انهن جي پاڻ ۾ شادي ڪنداسون“، ان لاءِ ٿر جي ڪنهن ڀان هيٺيون دوهو چيو آهي ته:
نڙ پنگڙ آڙوڌيا، پارس پيپڙ هيٺ،
جڏڪا سڳپڻ ٿاپيا، ڍولا مارو پيٽ.
[جڏهن ڍولو ۽ مارئي پيٽ ۾ هئا ته نڙ (انڙ راءِ) ۽ پنگڙ (پونگل راءِ) هڪ ڏينهن هڪ پپر جي وڻ هيٺ ويٺي، ڪچهري ڪندي، انهن جو مڱڻو ڪري ڇڏيو.]
ڍولي جي والد کي لوڪ ڪهاڻين ۾ نل، اونل، نڙ، اونڙ، انڙ ۽ انڙ راءِ، ۽ مارل جي پيءُ کي وري پينگهر، پنگهر، پنگر، پڳر، پوڳر، پونگل ۽ پونگر راءِ ڪوٺيو ويو آهي. ڍول ۽ مارل ننڍا هئا ته مارل جي پيءُ پونگل راءِ کي سومرن جي پهرئين حاڪم همير سومري عمرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ٿر مان لوڌي ڪڍيو ۽ هو جيسلمير طرف ويو، جتي هن پونگل ڳڙهه/ گڍ نالي هڪ نئون ڪوٽ ٺهرايو، جنهن جا کنڊر اڃا به موجود آهن. پونگل راءِ نئون قلعو ٺهرائڻ کان پوءِ عمرڪوٽ جي حاڪم همير سومري تي ٻه ٽي حملا ڪري، کيس ڪافي نقصان رسايو، جنهن سبب ٻنهي جي وچ ۾ دشمني وڌي وئي.
ڍولي ۽ مارل کي جوان ٿيڻ تائين اها خبر نه هئي ته سندن ڪو مڱڻو ٿيل آهي. ڍولو انهيءَ حقيقيت کان اڻ واقف هئڻ ڪري عمرڪوٽ جي مومل نالي هڪ مالهي (باغائي) ڇوڪريءَ جي دام ۾ قابو ٿي ويو. ڍولي ۽ مارل جي مڱڻي جي ڳالهه تڏهن ظاهر ٿي، جڏهن مارل جي سڱ لاءِ پيغام اچڻ لڳا، جن جي جواب ۾ مارل جي ماءُ کين ٻڌايو ته مارل جو ننڍي هوندي کان ڍولي نرور سان مڱڻو ٿيل آهي، جيڪو سيرين جو حاڪم آهي. مارل کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته ڍولو نرور سندس مڱيندو آهي ته هن ڪونجن ۽ ڀانن وسيلي ڍولي نرور ڏانهن پيغام موڪلڻ شروع ڪيا، جن مان هڪ ڀان ڍولي نرور اڳيان مارل جي سونهن بيان ڪئي. مارل جي پيغام ملڻ ۽ سندس سونهن جي واکاڻ ٻُڌڻ کانپوءِ ڍولو نرور پونگل ڳڙهه پهچي مارل سان لانئون لڌيون. اها خبر جڏهن همير سومري کي پئي ته ’سيرين‘ ڏانهن ايندڙ رستي ۾ ڍولي مٿان حملو ڪري، کانئس مارل کسي، ان کي عمرڪوٽ ۾ بند ڪيائين. همير سومري مارل مٿان زور وڌو ته هوءَ ساڻس شادي ڪري، پر مارل سندس هڪ به نه ٻُڌي. ڍولو نرور همير سومري جي مقابلي ۾ ننڍو حاڪم هو ۽ ساڻس وڙهي نٿي سگهيو، جنهن سبب ڍولو نرور فقير بڻجي عمرڪوٽ ۾ رهيو ۽ مارل کي قيد مان آزاد ڪرائي وٺي ويو. همير سومري جي هن حملي ۽ مارل کي عمرڪوٽ ۾ بند ڪرڻ جا اهڃاڻ ۽ اشارا شاهه سائينءَ جي سُر عمر مارئيءَ ۾ پڻ موجود آهن، جنهن ۾ عمر سومري سان گڏ همير جو نالو به آندو ويو آهي. ڪن روايتن موجب شاهه لطيف جي سُر ’عمر مارئيءَ‘ وارو داستان ’ڍولي نرور‘ جي قصي جو تسلسل آهي، پر ان قصي جي ساڳيائپ جي ڪا به تصديق نه ٿي ٿئي. مارئي ۽ عمر وارو قصو ڌار آهي، پر ڪي واقعاتي ٽاڻا ملي وڃڻ ڪري روايتن ۾ انهن جي ساڳيائين ڄاڻائي وئي آهي. ڍول مارو داستان جو ذڪر نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ’ڍول مارو‘ ۽ معمور يوسفاڻيءَ پنهنجن ڪتابن: ’ست سورميون ڏهه ڏاتار‘ ۽ ’لطيف جا ٿر تان ڀيرا‘ ۾ ڪيو آهي. ڍولي نرور جي بهادريءَ، مارل جي سونهن، ڏوراپن، جدائيءَ، انتظار ۽ نياپن جو منظر، خليفي نبي بخش لغاريءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:
ڍولو نرور سيرئين، مارو ٿر رهڪ،
گوري جوئي باٽڙي، اوڀي ماٿي لڪَ.
[يعني: ڍولو نرور ’سيرئين‘ ۾ رهي ٿو ۽ ’مارو‘ ٿر ۾. هوءَ وينگس لڪ مٿي چڙهي ڍولي جون واٽون نهاري پيئي.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو